پيرزادو ميان عبدالرحمان

پيرزادو، ميان عبدالرحمان:ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم خانقاهه واري مدرسي مان حاصل ڪري پراڻي سکر جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ وقت جي بزرگ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، عبدالرحمان پيرزادو سماجي ورڪر هو ۽ انجمن اسلام (جيڪا پير غوث علي شاهه قائم ڪئي هئي) جو ميمبر هو. سکر ضلعي مدرسي بورڊ جي پايي وجهندڙن مان هو ۽ بعد ۾ ان جو سيڪريٽري به ٿي رهيو. سکر عيدگاهه جي تعمير ۾ سندس هٿ هو، سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ 1862ع ۾ ٻه دفعا وائيس پريزيڊنٽ ٿيو، هندن توڙي مسلمانن جو مقبول ليڊر هو. 1892ع ۽ 1939ع ۾ سکر ۾ هندو مسلم فسادن وقت عبدالرحمان پيرزادي همت ڪري پراڻي سکر ۾ امن امان قائم ڪرايو. ان وقت سندس تقريرن چڱو اثر ڪيو ۽ مسجد منزل گاهه جي حوالي سان به هن عوام جي رهنمائي ڪئي. هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.00.00  عيسوي

ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري ڄائو


1942.00.00  عيسوي

ميان عبدالرحمان پيرزادو 1942ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيتا شاهه
عبدالقيوم چنا
پنواڻي
پنهور منظور علي خان
ڀائي ولايت راءِ
اڪرم مڱڻهار
پير محبوب شاهه
بالميڪي/والميڪي
بيرم خان
مير علي مراد خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون